ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ ميئر جي اليڪشن ۾ ريپبلڪن اميدوار کي ظهران ممداني جي مقابلي ۾ شڪست جا 2 سبب ٻڌائي ڇڏيا

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيويارڪ ميئر جي اليڪشن ۾ ريپبلڪن اميدوار کي ظهران ممداني جي مقابلي ۾ شڪست جا 2 سبب ٻڌائي ڇڏيا. نيويارڪ جي ميئر جي لاءِ ٿيندڙ اليڪشن ۾ ٽرمپ ۽ ريپبلڪن اميدوار کي جهٽڪو لڳو آهي ۽ ٽرمپ جي ڀرپور مخالفت باوجود ڊيموڪريٽ جو مسلم اميدوار ظهران ممداني نيويارڪ سٽي جو ميئر چونڊجي ويو. اليڪشن نتيجا اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا سائٽ ٽروٿ سوشل تي پوسٽ ۾ آمريڪي صدر چيو ته ووٽرن موجب ريپبلڪن جي شڪست جا 2 سبب آهن. ٽرمپ جو چوڻ هو ته هڪ سبب اهو ته اهو بيلٽ تي نه هو ۽ ٻيو سبب آمريڪا ۾ شٽ ڊائون جاري آهي. نيويارڪ جي ميئر جي لاءِ آزاد اميدوار ۽ ٽرمپ جي حمايت يافتا اينڊريو ڪومو اليڪشن ۾ پنهنجي شڪست تسليم ڪندي ظهران ممداني کي مبارڪ ڏني. ٻئي طرف اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما به آمريڪي اليڪشنز ۽ نيويارڪ ميئر جي اليڪشن ۾ ڊيموڪريٽس جي فتح تي کٽندڙ اميدوار کي مبارڪ پيش ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
29%
4.5m/s
11%
آچر
28 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون