- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ جي ملازمت جي مدي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هو نومبر کانپوءِ به پنهنجو خدمتون جاري رکندو.
سڪيورٽي ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيلينجنس جي عهدي تي نومبر کانپوءِ به ڪم ڪندو رهندو، سندس نوڪريءَ جو مدو نومبر ۾ ختم ٿي رهيو آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ نيشنل سڪيورٽي جي صلاحڪار طور به پنهنجون خدمتون انجام ڏيندو رهندو.
سيپٽمبر 2024ع ۾ ليفيٽننٽ جنرل نديم انجم جو مدو ختم ٿيڻ بعد ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو هو.- Advertisement -
