سنڌ حڪومت طرفان کير ۾ ڪيميڪل ۽ ٻي ملاوٽ ڪندڙ واپارين خلاف وڏي ڪارروائي

- Advertisement -
سنڌ حڪومت طرفان کير ۾ ڪيميڪل ۽ ٻي ملاوٽ ڪندڙ واپارين خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي هدايت تي اي ڊي جي بلاول ابڙو جي نگراني ۾ ملير ۾ ڪيميڪل مليل کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ ڪيميڪل سان کير ٺاهيندڙ ڪارخاني تي ڇاپو هنيو. اي ڊي جي بلاول ابڙو جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران 750ڪلو کير ٺاهيندڙ ڪيميڪل هٿ ڪيو ويو، جنهن  ڪيميڪل مان 9 هزار ليٽر کير ٺاهيو وڃي ها. سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٽيم جو چوڻ آهي ته ڪيميڪل مان تيار ڪيل کير ضايع ڪيو ويو  آهي. سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٽيم جو چوڻ آهي ڪميڪل مليل کير وڏي مقدار ۾ تيار ڪندڙ جوابدار وڏي عرصي کان غير قانوني ڪاروبار ڪري رهيا هئا. سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٽيم موجب انساني صحت لاءِ هاڃيڪار  کير ٺاهيندڙ فيڪٽري جي عملي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن ڪيميمل پاڻي ۾ ملائي جعلي کير تيار ڪيو ويندو آهي. سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٽيم جو چوڻ آهي ته جعلي ۽ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار کير ڀينس ڪالوني جو نج کير ٻڌائي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي. سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي مزمل هاليپوٽو جو چوڻ آهي ته انساني صحت کي نقصان پهچائيندڙ جوابدارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، ڳجهي اطلاع تي مافيا خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
46%
1.6m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون