ڪراچي جي رهائشي عمارت جي فليٽ مان تشدد ٿيل 4 عورتن جا ڳلا ڪپيل لاش مليا آهن، پوليس مڙهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا

- Advertisement -
ڪراچي جي رهائشي عمارت جي فليٽ مان 4 عورتن جا تشدد ٿيل ۽ ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن، صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته لي مارڪيٽ جي هڪ گھڻ ماڙ عمارت جي فليٽ مان نينگريءَ سميت 4 عورتن جا لاش مليا آهن، جن کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو ۽ سندن جسم تي تشدد جا نشان به آهن. پوليس موجب، قتل ٿيلن جي 13 ورهين جي علينا، 18 ورهين جي مديحا، 19 ورهين جي عائشا ۽ 51 ورهين جي شهناز طور سڃاڻپ ٿي. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، قتل جي واردات وقت گهر ۾ رڳو عورتون موجود هيون، لاش ڌار ڌار ڪمرن مان مليا، قاتل فرار ٿي ويا آهن. پوليس موجب،  سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا فٽيجز هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. گهر جي سربراهه محمد فاروق جو چوڻ آهي ته واقعي وقت هو ۽ سندس ٻه پٽ گهر ۾ نه هئا، مارجي ويلن ۾ سندس نياڻي، زال، ڏوهٽي ۽ ننهن شامل آهن. هن چيو ته گهر پهچڻ تي دروازو کڙڪايو، جڏهن ڪوبه نه آيو ته پٽ اچي چاٻي سان دروازو کوليو، ڪنهن تي به شڪ نه آهي، نه ئي ڪنهن سان دشمني آهي. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
35%
4.1m/s
16%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون