- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ معصوم نينگر کليل گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
ڪورنگي شاهه فيصل ٽائون جي يوسي مهراڻ ٽائون سيڪٽر 6 ۾ اٺن ورهين جو نينگر دلبر علي کليل گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
معصوم نينگر راند کيڏڻ دوران کليل گٽر ۾ ڪري دم ڌڻي حوالي ڪيو.
فوتي نينگر جي چاچي نينگر کي گٽر مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
نينگر جي فوت ٿيڻ تي علائقي ۾ سوڳ جي صورتحال آهي، جڏهن ته والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن.
ٻئي طرف ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري واقعي بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي.
هن چيو ته واقعي ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.- Advertisement -
