- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ٽي تلوار ويجهو شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳي وئي 12 فائر ٽينڊرز جي مدد سان باهه باهه تي ضابطو آندو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته باهه پلازه جي پهرين ماڙ تي لڳي جنهن ڪيترن ئي دڪانن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پلازه ۾ ڪپڙن ۽ بيڊ شيڊ جا ڪيترائي دڪان موجود آهن.
فائر برگيڊ جي 12 گاڏين تقريبن ٽن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آهي، باهه سبب 30 کان وڌيڪ دڪان سڙي رک ٿي ويا، فوري تي طور باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيا.
ان کان اڳ واٽر ڪارپوريشن طرفان نيپا هائيڊرنٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڻي جا ڪيترائي ٽينڪر واقعي واري هنڌ پهچايا ويا.- Advertisement -
