ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تير هلي پيو آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته راڄڌاني ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تير هلي پيو آهي، بي بي شهيد جا جيالا کٽي ويا آهن، مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو ثبوت آهي، عوام هڪ دفعو ٻيهر ورهائڻ ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪيو، پ پ اميدوارن جي وڏي مارجن تان ڪاميابي تاريخي اڳڀرائي آهي. مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي جي ڪاميابي تي ٿورا مڃيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته راڄڌاني ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ هڪ دفعو ٻيهر تير هلي پيو آهي، بي بي شهيد جا جيالا کٽي ويا، هو سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪ ۽ جيالن کي شاباش ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي عوام جي اعتماد جو ثبوت آهي، عوام هڪ دفعو ٻيهر ورهائڻ ۽ نفرت جي سياست کي رد ڪيو. پ پ چيئرمين چيو ته ڪراچيءَ ۾ پ پ اميدوارن جي وڏي مارجن تان ڪاميابي تاريخي اڳڀرائي آهي، يقين آهي ته پيپلزپارٽي جا نوان چونڊيل نمائندا عوام جي اعتماد تي پورو لهندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ۾ ڪاميابي اوهان جي ڪلهن تي ڳري ذميواري ۽ امتحان آندو آهي، اوهان کي محدود وسيلن ۽ وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، حل پارٽي ويزن ۽ اوهان جي محنت آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
16%
5.2m/s
2%
ڇنڇر
22 °
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
23 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون