- Advertisement -
ڪراچي پوليس ڪريم آباد واري علائقي مان جعلي پوليس اهلڪار کي هٿيار، جعلي وردي، جعلي پوليس ڪارڊ سميت گرفتار ڪري ورتو، جوابدار وردي ۾ شهرين کان ڦر ڪندو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪريم آباد ڀرسان ڪارروائي ڪري جعلي پوليس ڪانسٽيبل کي گرفتارڪ يو ويو.
پوليس موجب، جوابدار وردي پائي ناڪو لڳائي شهرين کان ڦر ڪندو هو، گرفتار جوابدارمن وٽان پوليس جيڪيٽ، هٿيار، پوليس ڪارڊ، شيلڊ ۽ پوليس نمبر پليٽ واري موٽر سائيڪل به ملي آهي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار کان وارداتن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جوابدار خلاف گلبرگ ٿاڻي تي ڪيس داخو ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
