تازه ترين

ڪراچي ڏکڻ جي عدالت ريلوي اختيارين کي ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل شهري جي گهر واري کي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ هرجاڻي جي رقم ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
ڪراچي ڏکڻ جي عدالت ريلوي اختيارين کي ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل شهري جي گهر واري کي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ هرجاڻي جي رقم ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل شهري جاويد اقبال جي گهر واري پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 2021 ۾ ريلوي اختيارين جي غفلت سبب ڏهرڪي ويجهو ريتي ريلوي اسٽيشن تي ٽرين حادثي ۾ شهري جاويد اقبال فوت ٿي ويو هو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فوت ٿيل شهري جي چئن نياڻين سميت 6 گهر ڀاتي آهن. هن چيو ته ٽرين حادثي ۾ شهري جاويد اقبال جي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ڀاتين جي ڪفالت ڪرڻ وارو ٻيو ڪير به نه آهي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ريليو اختيارين کي شهري جاويد اقبال جي گهر واري کي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
58 %
3kmh
10 %
ڇنڇر
28 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون