ڪراچي ۾ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع ٻئي ڏينهن به جاري رهي

- Advertisement -
فٽيجز…. سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ڪوٺائڻ جو مقصد هن شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ آهي. ڪراچي ۾ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو 2025ع ٻئي ڏينهن به جاري رهي. پنجاب جي لائيو اسٽاڪ وارو وزير عاشق حسين ڪرماڻي صبح سوير لاهور کان ڪراچي پهتو. سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي سان گڏ پنجاب جي لائيو اسٽاڪ وارو وزير عاشق حسين ڪرماڻي ايڪسپو سينٽر ۾ نمائش ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ صبح سان ئي ڪراچي واسين جي رش، مختلف اسڪولن جا ٻارڙا به جانور ڏسڻ پهچي ويا. سنڌ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ 2 هزار جانور، هڪ هزار کان وڌيڪ پکي، 11 قسمن جون ڳئون، ٻن قسمن جون مينهون، 17 قسمن جون ٻڪريون، چئن قسمن جون رڍون، پنجن قسمن جا گهوڙا، ٻن قسمن جا اُٺَ، ٽن قسمن جا نانگ ۽ ٻيا جانور شامل آهن. فينسي پکين ۽ پالتو جانور ٻارن جي ڌيان جو مرڪز رهيا، جڏهن ته يوٽيوبر ۽ وي لاگر به پهچي ويا. سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته ڪراچيءَ ۾ لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ڪوٺائڻ جو مقصد هن شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ آهي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
22%
6.2m/s
100%
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون