تازه ترين

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اڄ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ نيڌر لينڊ سان کيڏندو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ پاڪستاني ٽيم جو سفر اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ نيڌرلينڊ خلاف کيڏندي.

ٻئي ٽيمون پاڪستاني وقت موجب منجهند ڏيڍ وڳي حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي اسٽيڊيم ۾ ايڪشن ۾ نظر اينديون.

گرين شرٽس ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پاڪستاني اسڪواڊ گذريل ڏينهن راجيو گانڌي اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ ٽريننگ سيشن ڪيو، قومي ٽيم پنهنجيون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي پريڪٽس ڪئي.

ٻئي پاسي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته هـُو ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهن، ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين تياري ڪئي آهي، پاڪستان ورلڊ ڪپ جي فيورٽ ٽيمن ۾شامل آهي .

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
16 %
5.7kmh
57 %
آچر
29 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون