ڪشمور مان اغوا ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ضلعي جي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.
ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني، مکي جڳديش ڪمار، جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ سميت ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي چوٿين ڏينھن به شٽر بند ھڙتال ڪري مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن پاران گھنٽا گھر چوڪ وٽ شاميانا لڳائي ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي.
مغوين جي وارثن ۽ ڌرڻي ۾ ويٺلن سان ٻڌي جي اظهار طور سردار تيغو خان تيغاڻي به شرڪت ڪئي.
سردار تيغو خان تيغاڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، دلمراد ڏاھاڻي، جئرام داس، تلسي داس، اڪرم باجڪاڻي ۽ ٻين چيو ته ضلعي اندر روزانو اغوا جون وارداتون معمول بڻجي ويون آھن امن امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي آھي رياستي ادارا توڙر حڪومت تحفظ نه ڏئي سگھي آھي.
هنن چيو ته ڏکي مھل سردار به خاموش آھن، جنهنڪري احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آھي جيڪو ھاڻي سڄي سنڌ تائين وڌي ويو آھي ھڙتال جو سلسلو مغوين جي بازيابي تائين جاري رھندو.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته ضلعي اندر فوجي آپريشن ڪري امن امان قائم ڪرائي ضلع مان اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرايو وڃي.
بخشاپور ۾ به مکي جڳديش ڪمار، جئديپ ڪمار، ساگر ڪمار ۽ ڊاڪٽر منير نائچ سميت ٻين مغوين جي بازيابيءَ لاءِ چوٿين ڏينھن به شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو مغوين جي بازيابيءَ تائين پنهنجو ڪاروبار بند رکندا.
