- Advertisement -
ڪشمور پوليس پاران ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران ٻن مغوين کي ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته ڪشمور پوليس رات دير سان آپريشن ڪري تنگواڻي واسي زاهد بمبل ۽ ڪوٽ مٺڻ واسي راشد چاڪي کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.
هن چيو ته ڌاڙيلن ٻنهي نوجوانن کي فون تي نوڪري ڏيڻ جي بهاني ڪچي واري علائقي ۾ گهرائي اغوا ڪيو هو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو، جلد ٻين مغوين کي به بازياب ڪرايو ويندو.- Advertisement -
