- Advertisement -
ڪنري ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف پوليس ڪارروايون ڪندي 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
پوليس ڳوٺ نور هاليپوٽو ۽ ڳوٺ سومار باغ ۾ شراب جي بٺن تي ڇاپا هنيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران ڌنو ڪولهي، عطا الله، شهباز، عالم، مڪيش ۽ کيمچند کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران هٿ آيل ڪچو شراب ۽ ٻيو مٽيريل تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
