تازه ترين

سنڌ حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪري معيشت کي مضبوط ڪري رهي آهي : مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪري معيشت کي مضبوط ڪري رهي آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾سنڌ اڪنامڪ زونز مينيجمينٽ ڪمپني ۽ ڪائنات اينڊ سينسول ڪنسٽرڪشن پاران معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ماربل سٽي جي قيام تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ماربل سٽي منصوبي تي 100 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي، صنعتي زونز جي قيام سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. وڏي وزير چيو ته ماربل سٽي پروجيڪٽ اڳ ئي ڪراچي پورٽ، ايئرپورٽ ۽ وڏن شاهراهن سان ڳنڍيل آهي، منصوبو انتهائي اهم آهي. تقريب ۾ وڏي وزير جي خاص مددگار قاسم نويد قمر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 24 ڪلاڪ نگراني ۽ ايمرجنسي مئنيجمينٽ سسٽم جي ڪري پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ۽ سيڙپڪار محفوظ هوندا. قاسم نويد قمر جو چوڻ هو ته معاهدي کانپوءِ نجي پارٽنر ڪراچي ماربل سٽي منصوبي جي تعمير ٻن سالن ۾ مڪمل ڪندو، جڏهن ته الاٽمينٽ آگسٽ 2025ع ۾ شروع ٿيندي. ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته ڪراچي ماربل سٽي منصوبو اڳ ئي دير جو شڪار آهي، وڌيڪ دير نه ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
7 %
6.9kmh
0 %
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون