- Advertisement -
ڪنڊياري ويجهو ٻن ڀائرن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، پٽن کي ڇڏائڻ دوران ڏنڊو لڳڻ سبب پيءُ قتل ٿي ويو آهي.
ڳوٺ راڄ محمد مڱريو ۾ ٻه ڀائر امين ۽ پنهل مڱريو معمولي ڳالهه تان پاڻ ۾ وڙھي پيا.
پٽن کي ڇڏائڻ دوران ڏنڊو لڳڻ سبب پيءُ محمد حسن مڱريو قتل ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پيرسن جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.- Advertisement -
