- Advertisement -
ڪوئيٽا جي نيو سرياب ٿاڻي جي پوليس موبائل تي دهشتگردن جي حملي ۾ انسپيڪٽر عبدالولي تنولي سميت 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب، دهشتگردن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ انسپيڪٽر سميت 3 اهلڪار شهيد ۽ ڊرائيور زخمي ٿيو.
بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سرياب روڊ تي پوليس موبائل تي بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪئي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي ساهه پٽينداسين، رياست ڪمزور ناهي، دشمنن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو.- Advertisement -
