تازه ترين

ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ڪوئٽا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي

- Advertisement -
ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ڪوئٽا گيريزن ۾ ادا ڪئي وئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب، جنازي نماز ۾ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر وجب، جنازي نماز ۾ وفاقي گھرو وزير محسن نقوي، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، عسڪري ۽ سول عملدار سميت شهرين ۽ فوجي آفيسر  به موجود هئا. جنازي نماز کانپوءِ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سي ايم ايڇ ڪوئٽا جو دورو ڪيو ۽ ڌماڪي جي زخمين سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف زخمني جي حالت بابت ڄاڻ ورتي ۽ ساڻن ڀرپور همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ قومي عزم ۽ اداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، دهشتگردي جي خاتمي جو مشن گڏيل عزم سان جاري رکيو ويندو. جنرل سيد عاصم منير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سمورن پاڪستانين جي ڀرپور حمايت جي ضرورت آهي. ان کان اڳ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ڪوئيٽا پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر بلوچستان سندس آجيان ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.5 ° C
33.5 °
33.5 °
5 %
2.8kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون