تازه ترين

ڪوٽڏيجي : بدامني خلاف واپارين جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ۽ احتجاجي ريلي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪوٽڏيجي ۾ بدامني خلاف واپارين جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

شهر ۾ هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيا جڏهن ته احسان خاصخيلي، سيد افضل علي شاهه، نظام الدين ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪوٽ بنگلو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڪي به ڪوششون نه ڪيون آهن.

هنن چيو ته ڪوٽ بنگلو شهر ۾ منشيات جي وڪري سميت چوري ۽ ڦر جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن ڪوٽ بنگلو ۾ امن بحال نه ٿيو ته ايس ايس پي خيرپور جي آفيس اڳيان مظاهرو ڪيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
4.6kmh
76 %
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون