- Advertisement -
ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو سکر کان ڪراچي ويندڙ سکر ايڪسپريس جون 2 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.
مسافر ٽرين حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريلوي اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا.
ڪوٽڙي کان ڪراچي ويندڙ ڊائون ٽريڪ کي معطل ڪيو ويو.
مسافر ٽرين کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ امدادي ٽرين کي گهرايو ويو آهي.
بوگين کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ ڪرين جي مدد ورتي ويندي.
مسافر ٽرين جي پٽڙي تان لهڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن.
ڪراچي ڏانهن ويندڙ مسافر ٽرينن کي ٻي لائين ڏانهن موڙيو ويندو.- Advertisement -
