تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪي اليڪٽرڪ انجنيئر عمران نائچ قتل ڪيس جو ڊراپ سين

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪي اليڪٽرڪ انجنيئر عمران نائچ قتل ڪيس جو ڊراپ سين، هڪ جوابدار اسلام آباد اسلامڪ ڪلچر يونيورسٽيءَ جو شاگرد گرفتار ۽ مقتول جي گهر واري به واقعي ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڇاپو هڻي جوابدار فيصل سيال کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار ۽ مقتول جي گهرواري ۾ لاڳاپا آهن، ٻنهي شادي ڪرڻ لاءِ عمران نائچ کي قتل ڪيو.

ملير جي گلشن حديد واري علائقي ۾ 9 مئي 2023 تي قتل ٿيل ميرپور ماٿيلو واسي ڪي اليڪٽرڪ انجنيئر عمران نائچ جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

سي ٽي ڊي ڪراچي جي علائقي دهلي ڪالوني ۾ ڇاپو هڻي عمران نائچ جي قتل ۾ ملوث اسلام آباد اسلامڪ ڪلچر يونيورسٽيءَ جي شاگرد فيصل سيال کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي جي ٽيم ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار فيصل سيال کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سندس چوڻ هو ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، جوابدار جا مقتول جي گهرواري ثنا سان لاڳاپا هئا، ٻنهي شادي ڪرڻ لاءِ عمران نائچ کي قتل ڪيو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي چيو ته جوابدار اسلام آباد مان پنهنجي ڳوٺ ميرپورماٿيلو آيو ۽ اتان ڪراچي پهتو، عمران نائچ جي گهرواري ڳوٺ ۾ جوابدار کي گهر جي چاٻي ڏني، جوابدار ڪراچي اچي گهر جي ڇت تي سمهي رهيو، عمران ڊيوٽي تان واپس گهر پهتو ته جوابدار ڇت تان لهي اچي سندس ڳلو ڪڍي قتل ڪيو.

هن چيو ته عمران نائچ جي زال گهر جي ائڊريس، گهر ۽ گهٽين جي وڊيو ٺاهي جوابدار کي موڪليون ته جيئن جوابدار آساني سان پهچي عمران نائچ کي قتل ڪري سگهي.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي بشير بروهي چيو ته جوابدار ٻڌايو ته هن سان شادي نه ٿيڻ ڪري ثنا آپگهات جي ڪوشش به ڪئي، عمران نائچ کي قتل ڪرڻ جو مقصد کيس رستي تان هٽائڻ هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون