- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد ڪندي ٻنهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا تحريڪ انصاف باني ۽ ٻين خلاف سنگجاڻي ۽ آءِ نائن ۾ داخل ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران علي نواز اعواڻ، واثق قيوم، عامر ڪياني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل طرفان حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست داخل ڪرائي وئي.
جج طاهر عباسي سپرا رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست قبول نه ٿيندي، اهو ڪو سبب ناهي ته شهر کان ٻاهر آهيان پيش نٿو ٿي سگهان.
تحريڪ انصاف جي وڪيلن جواب ڏيندي چيو ته حاضري پوري ڪرڻ جوابدارن تي آهي پر جج چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا، ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني هوندي.
جج طاهر عباس سپرا چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪن ٿا، ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري جي مڪمل خاطري ڪرائي وڃي ته پوءِ وارنٽ جو معاملو ڏٺو ويندو.
عدالت ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جج طاهر عباس سپرا چيو ته 8 جولاءِ تائين پيش نه ٿيندڙ جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويندو، 8 جولاءِ بعد ڪيسن جي ٻڌڻي روزانو جي بنياد تي ٿيندي.
عدالت تحريڪ انصاف باني جي وڊيو لنڪ پيشي بابت اڊيالا جيل جي سپرينٽينڊنٽ کان لکت ۾ جواب به طلب ڪري ورتو.- Advertisement -
