تازه ترين

ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ

- Advertisement -
اسلام آباد جي عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊپور ۽ تحريڪ انصاف جي ٽن اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي هڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا تحريڪ انصاف اڳواڻن خلاف جوڊيشل ڪامپليڪس حملي ۽ ڀڃڊاهه ڪرڻ تي آءِ نائن ٿاڻي ۾ داخل دهشتگردي جي ڪيس ۾ ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل راجا ظهور الحسن، علي امين گنڊاپور جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست جمع ڪرائي. جج طاهر عباس سپرا چيو ته گذريل ڀيري تي 4 سيپٽمبر تي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست ڏني وئي هئي ۽ 8 سيپٽمبر تي جلسي ۾ طبيعت ٺيڪ هئي؟. عدالت عدم پيروي تي علي امين گنڊاپور جي گرفتاري کان اڳ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊپور، واثق قيوم عباسي، راجا راشد حفيظ ۽ عامر محمود ڪياني جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته مسلسل غير حاضر رکڻ تي عمر تنوير بٽ کي اشتهاري قرار 0ئي ڇڏيو. عدالت فيصل جاويد جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.4 ° C
33.4 °
33.4 °
22 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون