تازه ترين

ڪينجهر ڍنڍ تي دنيا جو سڀ کان وڏو پاڻي تي بيٺل 500 ميگا واٽ فلوٽنگ سلور منصوبو لڳايو پيو وڃي

- Advertisement -
سنڌ حڪومت پاران ڪينجهر ڍنڍ تي دنيا جو سڀ کان وڏو پاڻي تي بيٺل 500 ميگا واٽ فلوٽنگ سلور منصوبو لڳايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ معاهدي تي صحيح واري  تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه شرڪت ڪئي، معاهدي ۾ توانائي کاتو، ايس ٽي ڊي سي، ڪي اي ۽ گو انرجي شامل آهن. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر  شاهه چيو ته اڄ وڏو ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ فلوٽنگ منصوبو شروع ٿي رهيو آهي، منصوبي سان تپش سبب پاڻي جي کوٽ ۾ به گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته وفاق کي گذارش آهي ته سنڌ کي گيس فراهم ڪئي وڃي، ارڙهين ترميم تي  تنقيد ڪئي وڃي ته پر ان سان صوبن کي موقعا ملن ته سٺا نتيجا نڪرندا، سنڌ پهريون صوبو آهي جنهن ٽرانسميشن لائن وڇائي، ٻيا صوبا  هاڻي لائسنس حاصل ڪري رهيا آهن. ناصر شاهه چيو ته ٽيرف سترهين ترميم بعد صوبن جو حص آهي، ان سبب سيپرا جو قانون پاس ڪيو. سندس چوڻ هو ته 5 لک گهرن کي سولر تي آڻڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويندو آهي، سندن ڪوشش آهي ته سولر منصوبا وڌيڪ قائم ڪيا وڃن، جنهن لاءِ سيڙپڪارن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾  ڪا نئين اسڪيم نه پئي آندي وڃي، سندن پهرين ترجيح پراڻيون اسڪيمون مڪمل ڪرڻ آهي. ناصر شاهه چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو جي وفاق کان خريداري تي ڊيپٿ وڏو مسئلو آهي، ڳالهيون جاري آهن، جلد هاڪاري نتيجا نڪرندا. ان موقعي تي توانائي واري سيڪريٽري مصدق چيو ته زمين تي لڳل سولر جي ڪارڪردگي ويهه سيڪڙو ۽ پاڻي تي 22 سيڪڙو آهي، پاڻي تي منصوبي جي لائف ۾ واڌ ۽ ساليانو  هزارين ميگا وٽ بجلي جي پيداوار ٿيندي. هن چيو ته اڳ زمين تي بيٺل منصوبا قائم ڪيا، پهريون ڀيرو پاڻي تي سولر منصوبو لڳايو پيو وڃي، منصوبي سان  تيل جي بچت ۽ سستي بجلي پيدا ٿيندي. ايس ٽي ڊي سي جي سليم شيخ چيو ته پاڪستان ۾ ٻن سولر منصوبن جي اجازت ملي آهي، کين صنعتڪار کي سهڪار فراهم ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
34.4 ° C
34.4 °
34.4 °
6 %
1kmh
0 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون