تازه ترين

ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي

- Advertisement -
ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي. کليل سمنڊ ۾ ٻيڙي مان ڪري ٻڏي ويل نوجوان واحد بخش گبول جي اڄ ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر ڪيٽي بندر جو چوڻ آهي ته ضلعي انتظاميا طرفان ريسڪيو آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته نوجوان واحد بخش گبول مڇي مارڻ دوران اوچتو پيش آيل حادثي سبب سمنڊ ۾ ڪِري ٻڏي ويو آهي، جنهن جي ڳولا جاري آهي. سندس چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران ڪيٽي بندر ۾ باقاعده ريسڪيو سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتان ريسڪيو آپريشن جي نگراني هو پاڻ ڪري رهيو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته ريسڪيو ٽيمون غوطا خورَن، ايدهي رضاڪارن ۽ جديد سهولتن جي مدد سان سمنڊ جي مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته ريسڪيو آپريشن کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو آهي لاڳاپيل سڀئي ادارا ريسڪيو آپريشن ۾ شامل آهن. اي سي ڪيٽي بندر ساجد علي پوهڙ جو چوڻ هو ته ڳولا جو دائرو وڌائي سمورا وسيلا ڪتب آندا ويا آهن، ڪيٽي بندر جي مختلف ڪريڪن تي ريسڪيو آپريشن هلندڙ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32 ° C
32 °
32 °
7 %
3.5kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
35 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون