- Advertisement -
گوادر ۾ مڇريل ماڻهن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ۽ 16 زخمي اهلڪار زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته گوادر ۾ مڇريل ماڻهن گوادر ڊيوٽي تي موجود سڪيورٽي اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن سبب سبي سان تعلق رکندڙ سپاهي شبير بلوچ شهيد ٿي ويو.
مڇريل ماڻهن جي حملي سورهن سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا، غير قانوني مارچ جي حمايت لاءِ سوشل ميڊيا تي جعلي وڊيوز ۽ تصويرن ذريعي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، سڪيورٽي فورسز مڇريل ماڻهن جي حملي باوجود اڻوندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ صبر جو مظاهرو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب مڇريل ماڻهن طرفان حملو قبولڻ جوڳو ناهي، ملوث ماڻهن کي انجام تائين پهچايو ويندو، شهرين کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پروپيگنڊا جو حصو نه بڻجن ۽ پرامن رهن.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم جي حمايت سان بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي…..- Advertisement -
