- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڌمڪيون ڏيڻ تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نائب امير کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ٽي ايل پي جي نائب امير ظهير الحسن شاهه کي واڪاڙا مان گرفتار ڪيو يوو.
ظهير الحسن شاهه اوڪارا ۾ اڻڄاتل هنڌ تي لڪل هو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ تي ٽي ايل پي جي نائب امير پير ظهير الحسن شاهه تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
لاهور پوليس ڪيس ايس ايڇ او جي فرياد تي قلعه گجر سنگهه ٿاڻي تي داخل ڪيو، جنهن ۾ ٽي ايل پي جي پندرهن سئو ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
