گپچاڻي: ڳوٺاڻي جي شڪايت تي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ 2 پوليس اهلڪار معطل

- Advertisement -
ايس ايس پي شهيد بينظير آباد شبير احمد سيٺار رشوت طلب ڪندڙ ٻن پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري لاڪ اپ ڪرائي انڪوائري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. شهيد بينظير آباد پوليس جي ترجمان موجب، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد گپچاڻي ٿاڻي تي مقرر هيڊ ڪانسٽيبل سرور لاشاري ۽ موبائيل ڊرائيور موسيٰ خاصخيلي کي ڳوٺاڻي آصف گپچاڻي کان رشوت طلب ڪرڻ تي معطل ڪري لاڪ حوالي ڪيو ويو. شهيد بينظير آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 24 ڪلاڪن اندر انڪوائري رپورٽ لاءِ ڊي ايس پي صدر کي حڪم جاري ڪيو ويو آهي. شهيد بينظير آباد پوليس جي ترجمان موجب، پوليس ڊپارٽمينٽ جي ساک خراب ڪندڙ اهڙي ڪاري رڍن کي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ بدران کين تنگ ۽ رشوت طلب ڪن. ايس ايس پي شهيد بينظير شبير احمد سيٺار چيو ته اهڙي ڪاري رڍڻ خلاف سخت کان سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
17%
1.5m/s
0%
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون