تازه ترين

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگبندي بابت آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگبندي بابت آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 14 ميمبرن آمريڪي تجويزن جي حمايت ۾ پيش ڪيل قرارداد جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. واضح رهي ته غزه ۾ جنگبندي بابت تجويزون هڪ هفتو اڳ آمريڪي صدر جوبائيڊن پيش ڪيون هيون، ٺهراءَ کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سلامتي ڪائونسل ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ 6 ڏينهن تائين بحث ڪيو ويو هو. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل آمريڪا پاران پيش ڪيل انهن تجويزن کي قبول ڪري ورتو آهي. آمريڪي قرارداد ۾ ٻنهي ڌرين کي فوري طور تي ڳالهين جو مطالبو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ان دوران جنگ بندي تي سختي سان عمل ڪيو ويندو. حماس اڃا تائين انهن تجويزن کي قبول نه ڪيو آهي، پر غزه جنگبندي تي گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. ڪجهه مهينا اڳ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل مطالبو ڪيو هو ته اسرائيل غزه تي بمباري بند ڪري ۽ فوري طور تي حماس جي يرغمالين کي آزاد ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
36 %
6.7kmh
1 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون