تازه ترين

ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي

- Advertisement -
پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندڙ حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان عرفان صديقي چيو آهي ته ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان صديقي چيو ته سندن جواب ٻڌڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ کي ڳالهين کان انڪار ڪرڻ گهرجي ها، اسپيڪر کي 28 جنوري جي تاريخ ڏئي چڪا هئا، تحريڪ انصاف وارا 5 ڏينهن انتظار ڇو نٿا ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته پهرين گڏجاڻي ۾ طئي ڪيو ويو هو ته مطالبا لکت ۾ آندا ويندا، انهن کان 42 ڏينهن مطالبا آڻڻ ۾ لڳا ۽ کائن چاهين ٿا ته ستن ڏينهن ۾ ڪميشن بڻجي وڃي، پي ٽي آءِ وارا اچڻ لاءِ به تڪڙا هئا ۽ وڃڻ جي به تڪڙ ڪري رهيا آهن، ستن ڏينهن ۾ اهڙو ڇا ٿي ويو جو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.؟ حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان چيو ته هو 28 جنوري جي تاريخ اسپيڪر کي ڏئي چڪا آهن، هُنن مطالبن کي سنجيدگي سان ورتو ۽ چاهين ٿا ته شيون اڳتي وڌن، پر هو وڌيڪ 5 ڏينهن انتظار نه ڪري سگهيا ۽ هاڻي کين سوچڻ گهرجي. عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ جي سول نافرماني جي ڪال هلي رهي آهي، سندن وزيراعظم  بابت ڪريل ٻولي ڳالهائي پئي وڃي پر هنن ان تي به ڪجهه نه ڪيو، هو سلجهيل طريقي سان پنهنجي رستي تي هلندا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون