آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردي خلاف سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان کي درپيش خطرن خلاف پنهنجي صلاحيت وڌائڻ تي يقين آهي، پاڪستان سان دهشتگرد گروپن ۽ اولهه سرحد تي ٽيڪنيڪل سهڪار ۽ دهشتگردي خلاف ڳالهه ٻولهه ٿي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ دهشتگردي خلاف سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ايران تي اڃا تائين آمريڪي پابنديون برقرار آهن، ۽ جيڪي ايران سان ڪاروبار ڪن ٿا انهن پابندين کان واقف آهن.
پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان کان پاڪ افغان سرحدي علائقي ۾ ڊرون حملي بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي ويدانت پٽيل جواب ڏنو ته ڊرون حملي بابت پينٽاگون ئي ٻڌائي سگهي ٿو.