تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سڪيورٽي فورسز جو زوب جي علائقي ۾ آپريشن، هڪ ميجر شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي علائقي زوب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ پاڪ فوج جو ميجر بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آرطرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي زوب جي علائقي سمبازا ۾ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ  ٿي، جنهن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته  آپريشن دوران 33 ورهين جو ميجر بابر خان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب ميجر بابر خان دهشتگردي خلاف آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، سندس تعلق ميانوالي سان آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا، پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون