آءِ ايم ايف جي شرطن تي نگران حڪومت جو امتحان شروع ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف اسٽينڊ باءِ پروگرام جي شرطن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاران نگران حڪومت کان خرچن ۾ گهٽتائي ۽ نجڪاري تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ٽي ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ معاهدي تحت 203 سرڪاري ڪمپنين جو انتظام ناڻي واري وزارت جي ڪنٽرول ۾ ڪيو وڃي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته ڄاڻايل ڪمپنين جو انتظام لائن منسٽريز وٽ هجڻ بهتري ۾ رنڊڪ آهي.
ذريعن موجب اءِ ايم ايف چيو آهي ته پاور سيڪٽر ۾ جنڪوز ۽ ڊسڪوز ۾ ناقص گورننس آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هلندڙ سال پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز کي خانگايو وڃي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف آر ايل اين پاور پلانٽس ۽ ڊسڪوز کي خانگائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.