وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته خواب ڏسڻ ڪڏهن به نه ڇڏيو، محنت جاري رکو ۽ پاڪستان تي يقين رکو، ڇو ته اسان جي منزل تارن کان به اڳتي آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج، سائنسدانن ۽ نوجوانن جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان خلائي تحقيق جي ميدان ۾ نين بلندين ڏانهن وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته هي اسان جي نوجوان نسل، سائنسدانن ۽ خوابن جو گڏيل سفر آهي، ذيشان علي ۽ خرم دائود محنت، نظم و ضبط ۽ لڳاءَ سان چين ۾ پنهنجي تربيت مڪمل ڪئي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان، چين کانپوءِ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جا خلاباز چين جي تيانگونگ خلائي اسٽيشن تي ويندا، اهو ٻنهي ملڪن جي لازوال دوستي جو هڪ اهم ثبوت آهي.
وزيراعظم چين جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان پنهنجي برادر ملڪ چين جا شڪرگذار آهيون، جنهن پاڪستان کي هن تاريخي خلائي مشن جو حصو بڻايو، هاڻي پاڪستان ۽ چين خلائي تحقيق جي سفر ۾ پڻ گڏ اڳتي وڌي رهيا آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن جي ويجهن لاڳاپن جو اظهار آهي.
هن سپارڪو ۽ سائنسدانن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جيڪڏهن اڄ هڪ پاڪستاني خلائي اسٽيشن تائين پهچي سگهي ٿو ته سڀاڻي ڪو پاڪستاني چنڊ تائين پڻ پهچندو.
وزيراعظم ملڪ جي نوجوانن کي پيغام ڏيندي چيو ته اسان جي منزل تارن کان اڳتي آهي. علامه محمد اقبال ڪيترائي سال اڳ نوجوانن کي ستارن کان اڳتي وڌڻ جو درس ڏنو هو، الله جو شڪر آهي ته اڄ اهو خواب حقيقت بڻجي رهيو آهي.
شهباز شريف چيو ته حڪومت پاڪستان سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ خلائي تحقيق کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪري ٿي. هي مشن نئين پاڪستان ڏانهن هڪ اهم قدم آهي ۽ اسان جو نوجوان دنيا سان مقابلو ڪرڻ بدران مستقبل ۾ دنيا جي رهنمائي ڪندو.
خواب ڏسڻ ڪڏهن به نه ڇڏيو، محنت جاري رکو ۽ پاڪستان تي يقين رکو: وزيراعظم شهباز شريف
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3
°
C
12.3
°
12.3
°
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


