ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي ڀارت جي مالي مدد حاصل آهي: طلال چوڌري

spot_img
گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري الزام لڳايو آهي ته ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي ڀارت جي مالي مدد حاصل آهي، جيڪا آزاد ڪشمير ۾ بدامني ۽ ڏڦيڙ پکيڙي رهي آهي، اها ڪا حقن جي تحريڪ نه پر ان کي هٿياربند تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري چيو ته پابندي مڙهيل ڪميٽي جي گرفتار ڪيل وڳوڙين کان پڇا ڳاڇا جي بنياد تي وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته  امتياز اسلم ڪميٽي جي قيادت وچ ۾ رابطن جو ذميوار آهي ۽ ان جي ڪور ڪميٽي جو ميمبر پڻ آهي. هن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي بابت حڪومت اڳ ۾ به ٻه پريس ڪانفرنسون ڪري چڪي آهي، جڏهن ته ٽن اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي هٿيار کڻي ڪشمير وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن دعويٰ ڪئي ته شهزاد نالي شخص جو تعلق خوارج سان آهي ۽ هو افغانستان جو رهواسي آهي. طلال چوڌري چيو ته اسان جي انا ۽ سياسي پارٽي کان وڌيڪ پاڪستان اهم آهي. ڪميٽي جا 37 مطالبا منظور ٿيڻ باوجود ان کي هٿياربند تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس الزام موجب افغانستان ۾ موجود پراڪسيز ذريعي ڪشمير ۾ بدامني پيدا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ڀارت پڻ پنهنجن پراڪسيز وسيلي انتشار پکيڙي رهيو آهي. مملڪتي وزير وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته ڪور ڪميٽي جي ميمبر اسلم امتياز جي افغانستان مان هٿيارن جي فراهمي بابت آڊيو پڻ سامهون آئي آهي. آزاد ڪشمير ۾ خودڪار بندوقون، اسنائپرز ۽ جديد هٿيار استعمال ڪيا پيا وڃن. هن خبردار ڪيو ته سوشل ميڊيا تي جيڪو به اهڙين سرگرمين جي حمايت يا تشهير ڪندو، ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون