آءِ ايم ايف بجلي جي بلن ۾ رليف جو پلان رد ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان بجلي جي بلن ۾ رليف پلان تي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.
پلان ۾ ٻڌايو ويو هو ته بلن ۾ رليف سان ساڍن ڇهن ارب رپين جو فرق ايندو، جڏهن ته آءِ ايم ايف پلان رد ڪندي پندرهن ارب رپين کان وڌيڪ جو فرق ٻڌايو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف پندرهن ارب رپيا مالياتي گنجائش پوري ڪرڻ جو پلان گهري ورتو آهي، نئون پلان شيئر ٿيڻ تي آءِ ايم ايف اختياريون ۽ ناڻي واري وزارت ٻيهر ڳالهيون ڪنديون.
ذريعن موجب بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي بجٽ آئوٽ نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي وئي، بلن کي چئن مهينن ۾ وصول ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي دخواست ڪئي وئي.