آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو، عالمي مالياتي اداري جو وفد هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ پاڪستان پهچندو، آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته معيشيت جي بهتري لاءِ ٽيڪس ڇوٽ محدود ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، بجيٽ جي منظوري لاءِ سياسي پارٽين جو ڪردار به واکاڻ جوڳو آهي.
پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ وچ ۾ ورچوئل ڳالهين ۾ هاڪاري ڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن کي سٺو سنوڻ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ آءِ ايم ايف بجيٽ جي منظوري لاءِ سياسي پارٽين جي هاڪاري ڪردار جي به ساراهه ڪئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف معيشيت جي بهتري لاءِ ٽيڪس جي ڇوٽ محدود ڪرڻ کي به ساراهه جوڳو عمل قرار ڏنو آهي، عالمي مالياتي اداري جو وفد هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ پاڪستان پهچندو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جو وفد نئين قرض پروگرام بابت ڳالهين لاءِ پاڪستان ايندو، پاڪستان نئين قرض پروگرام کان اڳ شرطن تي عمل ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي فنڊ کي اميد آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 28 يا 29 جون تائين منظور ٿي ويندي.