تازه ترين

، سڪيورٽي پلان تي  عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪريل ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا ويجها رابطا رکن، سڪيورٽي پلان تي  عمل ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس دوران ملڪ ۾ سڪيورٽي جي مجموعي صورتحال بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ پرڏيهين خاص طور چيني شهرين جي حفاظت لاءِ قدمن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي گهرو وزير سڪيورٽي پلان جي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سڪيورٽي پلان جي ايس او پيز تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪريل ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارا ويجها رابطا رکن، سڪيورٽي پلان تي  عمل ۾  ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزارت سميت ٻين لاڳاپيل ادارن طرفان سڪيورٽي پالان ۽ مجموعي صورتحال بابت گهرو وزير کي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا، نيڪٽا سربراهه طاهر راءِ، ڪو آرڊينيٽر نيشنل ايڪشن پلان، لاڳاپيل ادارن ۽ گهرو وزارت جا سينيئر عملدار به موجود هئا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.9 ° C
32.9 °
32.9 °
8 %
3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون