آءِ ايم ايف 200 يونٽ وارن بجلي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ تي راضي ۽ گئس جي اگهن ۾ اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ 400 يونٽ تائين بجلي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ جي حڪومتي تجويز رد ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، واهپيدارن کي بجلي جي بلن تي رليف ڏيڻ واري معاملي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي اختيارين وچ ۾ رابطو ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي فنڊ 400 يونٽ تائين بجلي واهپيدارن کي رليف ڏيڻ جي حڪومتي تجويز رد ڪري ڇڏي جڏهن ته 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کان بل قسطن ۾ اوڳاڙي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ذريعن موجب، بل قسطن ۾ اوڳاڙي ڪرڻ جي قطعي منظوري وفاقي ڪابينا مان ورتي ويندي هن قدم سان تقريبن 40 لک واهپيدارن کي وقتي رليف ملڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 400 يونٽ تائين رليف جي صورت ۾ 3 ڪروڙ 20 لک واهپيدار فائدو حاصل ڪري سگهندا.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف، پاڪستاني اختيارين تي بجلي ۽ گيس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون توڙي ريڪوري بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين جولاءِ کان گيس ٽيرف ۾ به 45 کان 50 سيڪڙو تائين اضافي جو مطالبو ڪيو، گيس ٽيرف ۾ اضافو وفاقي ڪابينا جي منظوري سان مشروط آهي.