آءِ بي اي سکر پهرين ڊسمبر تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي.
سنڌ جي ڇهه ڊويزنن ۾ هڪ ئي وقت 38 هزار 690 اميدوارن کان ٽيسٽ وٺي نتيجو ڏهن ڏينهن اندر جاري ڪيو ويندو.
سنڌ ٽي وي نيوز انويسٽيگيشن سيل سڀ کان پهرين اهڙي خبر ڏئي رهيو آهي.
ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ڊائو يونيورسٽي تحت ٿيل ٽيسٽ رد ڪرڻ کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ جو 15 نومبر تي لکت ۾ حڪم ڏنو هو.
عدالتي حڪمن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ آءِ بي اي ڪراچي کي چيو ويو، جنهن جي انڪار تي آءِ بي اي سکر جي اداري ايس ٽي سي اها ٽيسٽ ڪرائڻ جي ذميواري کنئي.
عدالت 15 نومبر تي لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ اهو به چيو ته آرڊر جاري ٿيڻ جي چئن هفتن اندر اها ٽيسٽ ورتي وڃي ته جيئن ميڊيڪل داخلائن وارو عمل مڪمل ڪري سگهجي.
ذريعن موجب آءِ بي اي سکر جي انتظاميا اهو ڪم مقرر وقت يعني 15 ڊسمبر کان به ٻه هفتا اڳ پهرين ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب ايندڙ ٽن ڏينهن اندر صحت کاتي ۽ آءِ بي اي سکر وچ ۾ لکت ۾ ايم او يو به ٿي ويندو، جنهن جي تياري مڪمل آهي.
سنڌ جي صحت کاتي ٽيسٽ ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏنل 38 هزار 690 اميدوارن جي ڊيٽا پي ايم ڊي سي ۽ ڊائو يونيورسٽي کان آءِ بي اي سکر کي ڏيارڻ لاءِ لکپڙهه ڪري ڇڏي آهي.
صحت کاتي جي ذريعن موجب سنڌ ڪابينا جي منظوري تحت ٽيسٽ تي ايندڙ خرچ سنڌ سرڪار ڀريندي ۽ اميدوارن کان ٻيهر فيس نه ورتي ويندي.
صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڪم لاءِ آءِ بي اي سکر کي 23 ڪروڙ 21 لک روپين جي رقم جاري ڪرڻ لاءِ سمري صحت کاتي وٽان منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن موڪلي وئي آهي.
ٻئي طرف آءِ بي اي سکر جي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اميدوارن جي درست سڃاڻپ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ سميت پيپر ليڪ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا ويندا.
ذريعن موجب آءِ بي اي سکر انتظاميا ٽيسٽ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي شروع ڪيل هر قسم جي شرارتي مهم کي ناڪام بڻائيندي وقت کان اڳ اها ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته آءِ بي اي سکر ٽيسٽ وٺڻ جي ڏهن ڏينهن اندر نتيجن جو اعلان ڪرڻ جي به تياري ڪري ورتي آهي.
آءِ بي اي سکر پهرين ڊسمبر تي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


