آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ميزباني هيٺ جاري چئن ڏينهن واري چوٿين انٽرنيشنل فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نمائش 2026ع جو دورو ڪيو، جتي هن نمائش جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺندي پوليس آفيسرن کي اثرائتا ۽ فول پروف حفاظتي انتظام يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون.
دوري دوران آءِ جي سنڌ نمائش ۾ لڳايل مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ غذائي شين، زرعي پيداوار، جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ فوڊ انڊسٽري جي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو.
هن نمائش ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن مان آيل پرڏيهي وفدن، عالمي خريدارن، سيڙپڪارن ۽ واپاري شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، چيف سي پي ايل سي، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ايسٽ ۽ ٻيا پوليس آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا.
پوليس اختيارين آءِ جي سنڌ کي نمائش جي چئن ڏينهن لاءِ ڪيل سيڪيورٽي انتظامن، پوليس نفري جي مقرري، داخلي ۽ خارجي رستن جي نگراني ۽ ٻين حفاظتي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني، جڏهن ته ٽي ڊي اي پي جي اختيارين پڻ نمائش ۽ انتظامن بابت آگاهه ڪيو.
آءِ جي سنڌ لاڳاپيل پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪي ۽ پرڏيهي وفدن، واپاري شخصيتن، سيڙپڪارن ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.
هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام، اثرائتي نگراني ۽ پوليس جي چوڪس رهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
ان موقعي تي جاويد عالم اوڍو مختلف ادارن ۽ ڪاروباري نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن پاران پيش ڪيل شين، زرعي پيداوار ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته زراعت ۽ غذائي صنعت ملڪي معيشت جي ترقي ۾ بنيادي اهميت رکن ٿيون. اهڙيون عالمي نمائشون پاڪستان جي زرعي ۽ غذائي شين کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ، سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا لاءِ اهم موقعا فراهم ڪن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي زرعي شعبي ۽ فوڊ انڊسٽري ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي، جنهن کي جديد تحقيق، ٽيڪنالاجي جي اثرائتي استعمال ۽ عالمي سهڪار ذريعي وڌيڪ ترقي ڏئي سگهجي ٿو.
آءِ جي سنڌ نمائش جي ڪاميابي کي ساراهيندي انتظاميا جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيون عالمي سرگرميون ملڪي معيشت، واپار ۽ صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9
°
C
10.9
°
10.9
°
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


