تازه ترين

آءِ جي سنڌ طرفان سنگين ڏوهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي عمل کي يقيني بڻائڻ جو حڪم

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، اڻڄاتل جوابدارن خلاف سنگين ڏوهن بابت شهرين جي فري رجسٽريشن ايف آءِ آر جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪيس داخل نه ٿيڻ جي شڪايت تي فورن ايڪشن تحت لاڳاپيل ٿاڻي جي انچارج ۽ عملي کي ٿبديل ڪري کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سنگين ڏوهن جي ايف آءِ آرز داخل نه ٿيڻ بابت ملندڙ شڪايتن ۽ ازالي جي حوالي سان اجلاس ٿيو.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ ڊي آءِ جيز هيڊڪوارٽرز، آءِ ٽي سميت اي آءِ جيز ڪمپلين سيل، ايڊمن ۽ آپريشنز سنڌ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پراسيڪيوٽر جنرل طرفان اي بي 22 تحت مليل عدالتي حڪمن جي ڊيٽا، ايف آءِ آرز داخل ۽ عمل بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران بريفنگ ڏني وئي ته شهري ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۽ دير ڪرڻ سبب عدالتن سان رابطو ڪن ٿا، جاچ دوران ايف آءِ آرز داخل نه ڪرڻ ۽ دير جي شڪايتن ۾ مختلف سبب سامهون آيا آهن.

ان تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ هدايت ڪئي ته اڻڄاتل جوابدارن خلاف سنگين ڏوهن بابت شهرين جي فري رجسٽريشن ايف آءِ آر جي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته ڪيس داخل نه ٿيڻ جي شڪايت تي فورن ايڪشن تحت لاڳاپيل ٿاڻي جي انچارج ۽ عملي کي تبديل ڪري کاتيوار ڪارروائي ڪئي وڃي.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽڙ ڊويزن ۽ ڊسٽرڪٽ شڪايتي سيلز جي ڪارڪردگي بابت سيشنز ڪرايا وڃن.

هن هدايت ڪئي ته ڊويزنل ڊي آءِ جيز ۽ ضلعي ايس ايس پيز عوامي شڪايتن جو ازالو يقيني بڻائن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون