آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي هٽائي رفعت مختار کي نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان پوليس سروس آف پاڪستان جي 21هين گريڊ جي آفيسر رفعت مختار کي نئون آءِ جي سنڌ مقرر ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
غلام نبي ميمڻ کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
جمعي ڏينهن غلام نبي ميمڻ عمري جي ادائيگي تي سعودي عرب روانو ٿيو هو. رفعت مختار پنجاب ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو