آءِ جي سنڌ ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڊجيٽل ڦر واري واقعي جو نوٽيس وٺندي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو سربراهه ڊي آءِ جي سي آءِ اي هوندو.
آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل ڪميٽي دجيٽل ڪرنسي جي هير ڦير ۽ شهرين جي اغوا جي حوالي سان رپورٽ تيار ڪندي.
ڪميٽي ڊي ايس پي راجا عمر خطاب ۽ راجا فرخ جي ڪردار جو جائزو وٺندي.
ڪميٽي سي ٽي ڊي جي پوليس پارٽي سان ڇاپن جا تفصيل گڏ ڪندي ۽ رپورٽ تيار ڪري آءِ جي سنڌ حوالي ڪندي.