تازه ترين

عدالت ڊاڪٽر شاھنواز کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ ۽ لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ روپوش عملدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاھنواز کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ ۽ لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ روپوش عملدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز کي پوليس ڪسٽڊي ۾ قتل ڪرڻ ۽ عمرڪوٽ ۾ ڊاڪٽر جي لاش کي وارثن کان ڦري ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. فريادي ڌر جي وڪيل مير احمد مڱريو  چيو تھ ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جاچ مڪمل نھ ڪرڻ سبب عدالت کان وڌيڪ وقت گھريو آهي، جنھن تي کين اعتراض آهي. هن چيو تھ ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ڪيل جوابدار ڊي آءِ جي  ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين کي اڃا تائين جاچ ۾ شامل ناھي ڪيو ويو. وڪيل چيو ته ڊي آءِ جي بابت تھ اھي بھ اطلاع آھن تھ اھو پنھنجي سوشل ميڊيا جا مختلف پليٽ فارم استعمال ڪري رھيو آھي ۽ ايف آءِ اي تھ سوشل ميڊيا جي معاملي ۾ وڌيڪ ايڪسپرٽ آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ عدالت سندن اعتراضن تي لاڳاپيل اختيارين کي سختيءَ سان ھدايت ڪئي تھ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. وڪيل وڌيڪ چيو تھ هو ڪيس ۾ جيڪا جاچ ٿي رهي آهي، ان مان مطمئن ناھن، عدالت کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
48 %
2.2kmh
2 %
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °

تازه ترين خبرون