- Advertisement -
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته آءِ جي پنجاب، پوليس کاتي ۾ هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، هو کيس يقين ڏيارن ٿا ته وسيلن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، جيڪي بجيٽ کپي پنجاب حڪومت فراهم ڪندي، اهو وقت پري ناهي جڏهن پوليس تي لڳل ڌاغ هو ڌوئيندا، اهو وقت به پري ناهي جڏهن ماڻهو گهرن ۾ سڪون جي ننڊ سمهندا.
لاهور جي بيديان ٽريننگ سينٽر ۾ ايليٽ فورس پنجاب جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعليٰ مريم نواز خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن ۽ آءِ جي پنجاب به شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پريڊ جو معائنو به ڪيو.
تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪري جيتري پاس آئوٽ ٿيندڙن جي گهر وارن کي خوشي ٿي رهي آهي اوتري خوشي کيس به ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاس آئوٽ ٿيندڙن ۾ عورتون به شامل آهن، هي وردي ناهي قومي خدمت آهي، جيڪا ڪجهه قوم جي پٽن نياڻين جي نصيب ۾ ايندي آهي، وردي اعزاز سان گڏوگڏ وڏو امتحان به آهي.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته آءِ جي پنجاب، پوليس کاتي ۾ هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، هو کيس يقين ڏيارن ٿا ته وسيلن ۾ گهٽتائي نه ٿيندي، جيڪي بجيٽ کپي پنجاب حڪومت فراهم ڪندي، اهو وقت پري ناهي جڏهن پوليس تي لڳل ڌاغ هو ڌوئيندا، اهو وقت به پري ناهي جڏهن ماڻهو گهرن ۾ سڪون جي ننڊ سمهندا.- Advertisement -
