- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪندي آهي، پاڪستان ڪشمير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان هميشه ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
مظفر آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ن ليگ آزاد ڪشمير جي صدر شاهه غلام قادر جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات ڪئي.
وفد آزاد ڪشمير جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي ڀيٽا پيش ڪئي.
ن ليگ وفد پاڪستان جي معيشيت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ کنيل قدمن جي ساراهه ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ آزاد ڪشمير جي وفد کي آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اوهان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪريو ته آزاد ڪشمير جي عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي، پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪشمير ۾ سندن ڀائر ۽ ڀينرون مشڪل ۾ هجن ۽ هو سک سان ويهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ڪشمير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان هميشه ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو……..- Advertisement -
