- Advertisement -
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز، يوگينڊا کي 134 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
آمريڪي رياست روڊ آئيلينڊ جي شهر پروويڊنس ۾ کيڏيل ميچ ۾ ويسٽ انڊر ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون ٺاهي، يوگينڊا کي 174 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
ويسٽ انڊيز طرفان جونسن چارلس 44 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته آندري رسل 30 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ڪپتان رومين پاول 23، نڪولس پورن 22، شيرفين ردر فورڊ 22 ۽ برينڊن ڪنگ 13 رنسون ٺاهيون.
174 رنسن جي جواب ۾ يوگينڊا جي ٽيم 12هين اوور ۾ 39 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي.
ويسٽ انڊيز جي عقيل حسين 11 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته جوزف 6 رنسون ڏئي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.- Advertisement -
