- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سڪيورٽي گارڊ هٿان پورهيت جي قتل جو نوٽيس ورتو آهي، سندس چوڻ آهي ته جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ سڪيورٽي گارڊ هٿان پورهيت جي قتل جو نوٽيس ورتو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، وڏي وزير اهڙي خانگي ڪمپنين خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي جيڪي تربيت دوران ڀرتي ٿيندڙ نئين گارڊ کي هٿيار ڏين ٿيون.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته گارڊ جي ڀرتي ڪرڻ وقت سندن ذهني صلاحيت تي به ڪم ڪيو وڃي، اهڙي شخص کي هٿيار نه ڏيڻ گهرجن جن کي نئون نئون گارڊ ڀرتي ڪيو ويو هجي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته گارڊ جي مقرري ڪرڻ وقت سندس ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو وڃي، اهڙي قسم جا واقعا تڪليف ڏيندڙ ۽ برداشت جوڳا ناهن.
وزيراعليٰ جي ترجمان موجب، وڏي وزير، گهرو کاتي کي خانگي سڪيورٽي ڪمپنين جي انسپڪشن ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، مراد علي شاهه پورهيت جي مارجڻ تي افسوس ۽ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي- Advertisement -
