تازه ترين

آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي:اعظم نذير تارڙ

قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي، سياسي ڪيس سپريم ڪورٽ سامهون رکڻ جي روايت قائم ٿي چڪي آهي، آئيني ڍانچي ۾ رهندي قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو حق آهي.

قومي اسيمبلي اجلاس کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ترميم جو مسودو ان وقت ايندو جڏهن بل پيش ڪيو ويندو، سڀ کان پهريان حڪومت صلاح مشورو ڪندي آهي پوءِ ڪابينا منظوري ڏيندي آهي پر بل اڃا ڪابينا ۾ به ناهي ويو.

سندس چوڻ هو ته ڊرافٽ تي پهريان حڪومتي اتحادين ۾ صلاح مشورو ٿيندو آهي، هي بل مسودو بڻجي ڪابينا ناهي ويو، مسودو آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر مسودو فائنل هجي ها ته سامهون اچي وڃي ها، پارليامينٽ کي آئيني ترميم جو اختيار آهي.

قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته اها ڪهڙي طاقت هئي جنهن چيو ته آئيني عدالت نه ٺهندي، تعصب جي عينڪ سائيڊ تي رکي اڳتي هلو، آئيني عدالت ۾ 7 کان 8 جج هوندا، جنهن ۾ وفاق جي سمورين پارٽين جا نمائندا هوندا، آرٽيڪل 184 کي ريگوليٽ ڪندا.

هن چيو ته ججن جي مقرري بابت جوڊيشل ڪميشن کي 12 رڪني ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي جڏهن ته ڪميشن ۾ 6 جج، چار پارليامينٽ ميمبر، قانون وارو وزير ۽ اٽارني جنرل شامل ڪرڻ جي تجويز هئي.

قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني ترميمون دليري سان پيش ڪندا، مخالف ڌر کي گهٻرائڻو ناهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
119,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
26 %
0.6kmh
0 %
آچر
17 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون